حقوق اولاد

حقوق اولاد: اولاد جي حقن جي باري ۾ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم کان هڪ شخص دريافت ڪيو ته نيڪي ڪنهن سان ڪرڻ کپي ته حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته والدين سان نيڪي ڪرڻ کپي. ان ٻيهر عرض ڪيو ته جيڪڏهن هو فوت ٿي چڪا هجن ته؟ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: پنهنجي اولاد سان، ڇو جو ٻنهي جا حق برابر آهن. خداوند تعاليٰ انهيءَ شخص تي رحم ڪندو آهي جيڪو پنهنجي پٽ کي صالح ۽ نيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ پنهنجي سخت مزاجيءَ جي ڪارڻ پنهنجي اولاد کي بي دخل نه ڪندو آهي. حضور صلي الله عليه وسلم جن جو حڪم آهي ته اولاد جي صحيح نشونما ۽ تربيت ڪريو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو